سيد باقر شاهه جي درگاهه

سيد باقر شاهه جي درگاهه

سيد باقر شاهه جي درگاهه

سيد باقر شاهه جي درگاهه: هيءَ درگاهه تعلقي ناري، ضلعي خيرپورميرس ۾، چونڊڪي شهر کان 30 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. سيد باقر شاهه لاءِ چيو وڃي ٿو ته حضرت سلطان اڌم جو همعصر بزرگ هو. هن مزار جي قريب لامبڙيءَ وارو تلاءُ به آهي، جتان درگاهه تائين رستو وڃي ٿو. سيده نفيسه شاهه جي ناظميءَ واري دؤر ۾ درگاهه تائين پڪو رستو تعمير ٿيو. درگاهه جو مقبرو پراڻو تعميراتي يادگار آهي. درگاهه جي مقبري جي تعمير ۽ مرمت جو ڪيترا ڀيرا ڪم ٿيو آهي. مقبرو ڪچين سرن جو تعمير ٿيل آهي، پيڙهه پڪسرائين اٿس. مهاڙيءَ ۾ تازي مرمت دوران ديوار ۾ پڪيون سرون هڻي، ٻيڙٻني تي سيمينٽ جو تاج نما احاطو ٻَڌو ويو آهي. مهاڙيءَ ۾ رنگ روغن ڪري گل چٽيا ويا آهن. ٻنهي پاسن کان پانيل آهن، جيڪي ٻيڙٻني کان ڪجهه مٿي نڪتل آهن. مهاڙيءَ ۾ چوڪاٺي جي دروازي تي مٿان توڙي پاسن کان رنگ سان چٽ ڪڍيا ويا آهن. مقبري جي پاسن واري ديوار ۾ ٻن طاقن واريون ٻه ٻه دريون نصب ڪيل آهن. پاسن وارين ديوارن کي بوهي گاري جو ليپو ڏنو ويو آهي. ڇت تي اٺڪنڊو گول گنبذ آهي، جنهن تي چوني جو اڇو رنگ ڪيل آهي. گنبذ تي ابتي ڪوڻيءَ جي گل تي نيل نصب ڪيل آهي. مقبرو پڌر تي آهي، جنهن کي احاطي لاءِ ڪنهن به قسم جي ديوار وغيره ڏنل ڪانهي. هن وقت مقبري جي ڀر ۾ نئين اڏاوت ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته پاسي ۾ زيارتين توڙي مسافرن لاءِ ڊگهو ڇپر ٺهيل آهي، جتي ايندڙ ويندڙ ماڻهو ترسن ٿا. ڇني جي ڇت ڪڙين ۽ ٽونئرن جي ٻَڌل آهي، جنهن کي ٽي لنگهه آهن. عقيدتمندن پاران ڪيترائي اٺ هن درگاهه جي نالي ڪيا ويا آهن آهن، جيڪي درگاهه جي ڀر ۾ وڏي کليل ميدان تي جهوڪ ڪندا آهن. ڏاچين جو کير درگاهه جي نالي خيرات طور مفت ۾ ڏنو وڃي ٿو، جيڪو سلسلو وڏي وقت کان هلندو اچي. درگاهه جي آسپاس پٿريلا بلاڪ آهن، باقي چئني طرفن کان غيرآباد پوٺو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو